راهين ڍنڍ

راهين ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي شاهه ڪريم بلڙيءَ ۾، ٽکڙ جي ويجھو ديهه ڪس، يوسي ملاڪاتيار ۾ 250 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ هيءَ علائقي جي مشهور ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي پاڻيءَ جو ذريعو پنياري شاخ ۽ ڇنڊڻيون آهن. هيءَ ڍنڍ، درياهه جي ڇڏيل گنجي ٽڪر ۽ پنياري ڪئنال واري پراڻي وهڪري سبب وجود ۾ آئي. هن ڍنڍ ۾ سڄو سال صاف ۽ شفاف پاڻي هئڻ ڪري مڇي جھجھي تعداد ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ گلفام، گراس، موراکو (موراکي)، سلور، ٿيلهي ۽ ڪرڙو مشهور آهن. ان کان علاوه هن ڍنڍ تي پکين جو شڪار به ٿيندو آهي. هن ڍنڍ تي تفريح لاءِ ٻيڙيون پڻ موجود هونديون آهن. هي ڍنڍ، پراڻي گوني (تعلقي) جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو